عالم خان مري

عالم خان مري: سنڌ تي ميرن جي دور حڪومت ۾ شڪارپور جو ناظم رهندڙ خان مري'>عالم خان مري، خيرپور ضلعي جي ڳوٺ ٽنڊي نهال ۾ جهان خان مري جي گهر ۾ جنم ورتو. پاڻ اڃا ننڍڙو ئي هو ته سندس والد وفات ڪري ويو، جنهن سبب سندس پالنا والده جي هٿ هيٺ ٿي. پنهنجي عقل ۽ اخلاق سبب مقامي سطح تي وڏي عزت ماڻيائين. راڄن جي ننڍن وڏن معاملن کي حل ڪرڻ سبب تمام گهڻو مقبول ٿيو. مير حڪمرانن سندس صلاحيتن کي ڏسي 1824ع ۾ شڪارپور لاءِ ناظم مقرر ڪيو. هن پنهنجي عهدي جو اعزاز حاصل ڪرڻ کانپوءِ رعيت جي معاملن ۾ ايتري دلچسپي ورتي، جو سندس بهتر انتظامن جي هر هنڌ هاڪ هُلي وئي. ميرن سندس خدمتن کي نظر ۾ رکندي کيس مسلسل اُن عهدي تي بحال رکيو. جنهن سبب پاڻ لاڳيتو نون سالن تائين ناظم رهيو. ان وچ ۾ شاهه شجاع ايندي ويندي سنڌ مان ڦرلٽ ڪندو رهيو. نيٺ شاهه شجاع افغانستان مان تڙجي لڌيانه پهتو، جتان انگريزن جي پٺڀرائي حاصل ڪري شڪارپور آيو. سندس خيال هو ته شڪارپور ۾ رهي افغانستان جو اقتدار ٻيهر حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪجي. سنڌ جي مير حڪمرانن ڪمزوريءَ جو مظاهرو ڪندي، شاهه شجاع کي شڪارپور ۾ 40 ڏينهن تائين رهڻ جي اجازت ڏيڻ سان گڏ 40 هزار روپيا ڏن ڏيڻ جو واعدو ڪيو. شاهه شجاع واعدي مطابق 40 ڏينهن بعد ڏن حاصل ڪرڻ کانپوءِ شڪارپور ڇڏڻ بدران موسم جي خرابيءَ جو سبب ڄاڻائي ويهي رهيو ۽ ان دوران ٻيون ناقابل برداشت حرڪتون ڪندو رهيو. هن ميرن کان وڌيڪ مطالبا ڪرڻ شروع ڪيا، جيڪي ميرن ٿڏي ڇڏيا. کيس سيکت ڏيڻ جو فيصلو ڪيائون. شاهه شجاع کي جڏهن ميرن جي اهڙي حڪمت عمليءَ جي خبر پئي تڏهن ميرن جي ٻن ناظمن خان مري'>عالم خان مري ۽ محمد ڪاظم شاهه کي پنهنجن عهدن تان زبردستي دستبردار ڪري، شڪارپور تي قبضو ڪري ورتو. شڪارپور تي قبضي بعد ‘گوسڙجي’ ۾ حاجي هدايت الله خان تي ڪڙڪيو. ٻنهي ڌرين ۾ سخت ويڙهه ٿي. پٺاڻن جو وڏو نقصان ڪرڻ کانپوءِ خان مري'>عالم خان مري پنهنجي ڪيترن ئي ساٿين سان گڏ شهيد ٿي ويو.پروفيسر ڊاڪٽر قادر بخش مگسي پنهنجي پي. ايڇ. ڊي ٿيسز ۾ لکيو آهي ته “مير صاحبن کي شاهه شجاع جي شڪارپور تي قبضي جي خبر پهتي ته هو ماٺ ڪري ويهي رهيا. اهي ذهني پسماندگيءَ جو شڪار بنجي ويا هئا. اتي هن جوڌي (خان مري'>عالم خان مري) دشمن خلاف محاذ قائم ڪري مقابلي ۾ شهادت ماڻي.” عالم خان مريءَ جو لاش اتان کڻائي تعلقي ڪوٽڏجيءَ جي تاريخي قبرستان ‘شاهه مقصوده’ يا ‘شاهه مشڪوده’ ۾ دفنايو ويو. مٿس قبو پڻ اڏيل آهي. جنهن ۾ ٻيون تربتون پڻ موجود آهن، جن لاءِ خيال آهي ته کرڙيءَ واري جنگ ۾ شهادت ماڻيندڙ سندس پٽ جهان خان مري، ۽ عالم خان سان گڏ زخمي ٿيندڙ سندس وفادار ساٿي شير محمد خان بڙديءَ جون آهن. هن جنگ جي اٺين ڏينهن کرڙيءَ واري جنگ لڳي هئي.


لفظ عالم خان مريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو